خان محمد سمون

خان محمد سمون

خان محمد سمون

خان محمد سمون (شهنائي نواز): خان محمد ولد رسول بخش سمي جو جنم 1924ع ڌاري ڳوٺ ڇتي منگي تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سريلو شهنائي نواز ۽ ڀلوڙ طبلا نواز هو. هن عمر جو ڪافي عرصو خانصاحب استاد گلزار علي خان سان طبلي تي سنگت ڪئي. خان محمد سمي کي موسيقيءَ جو فن ورثي ۾ مليو جو سندس والد رسول بخش سمون به پنهنجي دؤر جو سريلو شهنائي نواز هو. مشهور راڳي غلام شبير سمي جو والد هو. پاڻ نصابي تعليم پنج درجا حاصل ڪيائين، شهنائي جي فن جي شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان ورتائين، جنهن بعد سندس باقاعده استاد قلندر بخش مڱڻهار هيو. هن شرناءِ جي فن کي صحيح ڪتب آڻڻ ۽ شرناءِ ذريعي ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل واڄي لاءِ ڪلاسيڪل موسيقي سکڻ ۽ سمجهڻ ضروري عمل سمجهيو ۽ ان فن جي حاصلات لاءِ جڳ مشهور گويي خانصاحب استاد گلزار علي خان جو شاگرد ٿيو، جڏهن ته طبلي جي فن ۾ سندس استاد حاجي خان دوداپور وارو هو. استاد خان محمد 1970ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا تي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي پروگرام ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ميڊيا جي سفر جي شروعات ڪئي، جنهن بعد ريڊيو توڙي پي. ٽي. وي ڪوئيٽا جي ڪافي ڪلاسيڪل توڙي لوڪ موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪيائين. جڏهن ته پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. استاد خان محمد ڪراچي سينٽر جي به ڳچ پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد خان محمد کي سنڌ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلاسيڪل ڇنن ۾ به دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو، پاڻ سيوهڻ ۽ لطيف سرڪار جي ميلن تي به فن جو مظاهرو ڪيائين. استاد خان محمد 2004ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ خان محمد سمونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو